حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو عمل اڳيان وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو عمل اڳيان وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. حڪومتي اتحاد جي ڳالهين واري ڪميٽي طرفان گڏيل لائحه عمل تيار ڪرڻ کان پوءِ ايندڙ هفتي ڳالهين واري ڪميٽي جو چوٿون اجلاس گهرائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي ۾ مسلم ليگ(ن) جي ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، راڻا ثناءُالله ۽ سينيٽر عرفان صديقي ملاقات ۾ وزيراعظم کي پي ٽي آءِ جي مطالبن جي حوالي سان باضابطه بريفنگ ڏني ۽ اڳيان جي لاءِ رهنمائي پڻ حاصل ڪئي.

ذريعن موجب وزيراعظم ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته هو جهڙي طرح ڳالهين جو عمل هلائي رهيا آهن. انهي کي جاري رکيو وڃي، باقي ڇهه اتحادي پارٽين جي ميمبرن سان گڏجي گڏيل موقف ٺاهيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جا سمورا ميمبر جلد ملاقات ڪري پي ٽي آءِ جي مطالبن جي حوالي سان پنهنجو لائحه عمل تيار ڪندا.

پيپلز پارٽي طرفان فاروق ايڇ نائيڪ ۽ حڪومت طرفان اعظم نذير تارڙ به ڪميٽي کي  پنهنجي رپورٽ پيش ڪندا. حڪومتي ڪميٽي طرفان گڏيل موقف تيار ڪرڻ کان پوءِ 27 يا 28 جنوري تي ڳالهين واري ڪميٽي جو چوٿون اجلاس گهرائي سگهجي ٿو