ڪراچي : سنڌ ۽ پنجاب صوبن ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا مليا آهن، آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي تفصيل پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي موڪلي ڇڏي آهي.ڪمپني اسٽاڪ ايڪسچينج کي هڪ خط ۾ لکيو ته حيدرآباد جي پساکي آئل فيلڊ ۾ پهريون ڀيرو ملٽي فزيڪو ڪيميڪل اسٽيموليشن ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي،پساکي آئل فيلڊ ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ سبب خام تيل جي پيداوار 375 بيرل روزاني مان وڌي 520 بيرل ٿي وئي، خام تيل جي پيداوار ۾ روزانو 145 بيرل اضافو ٿيو،خط جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رحيم يار خان جي ماڙي ايسٽ فيلڊ مان پهريون بارج گيس جا ذخيرا دريافت ٿيا، 14.5 ڪلوميٽر پائيپ لائين ذريعي 2 ايم ايم ايس سي ايف ڊي گيس اينگرو فرٽيلائيزر ڏانهن منتقل ڪئي پئي وڃي.