اکين جي چوڌاري ڪاراڻ ختم ڪرڻ جا ٻه سولا طريقا

اکين جي چوڌاري ڪارا داغ يا گهاٽي ڪاراڻ عورت توڙي مرد جي چهري کي ڪراڙو توڙي ٿڪل محسوس ڪرائيندي آهي. ان جو عام سبب به ٿڪاوٽ ئي سمجهيو ويندو آهي. پر تنهن باوجود به وڌندڙ عمر، جينز، اکين جي ٿڪاوٽ، اينيميا، پاڻي جي کوٽ، سج ۾ گهڻو وقت گذارڻ ۽ طرز زندگي جي ٻين عملن جي ڪري به ٿئي ٿو.

مارڪيٽ ۾ ان ڪاراڻ کان بچڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪريمون موجود آهن پر انهن مان گهربل نتيجا حاصل ناهن ٿي سگهندا ۽ ائين ڇو ناهي ٿيندو، ڀارت جي ناليواري چمڙي جي ماهر ڊاڪٽر جوشيا ڀاٽيا سارن پنهنجي هڪ وڊيو ۾ ان بابت ٻڌايو آهي.

هن چيو آهي ته جيڪڏهن ڪريمن جي استعمال سان به توهان جي اکين جي چوڌاري واري ڪاراڻ ختم نٿي ٿئي ته وقت اچي ويو آهي ته توهان پنهنجي طرز زندگي ۾ ٻه تبديليون آڻيو.

  1. اوندهه ۾ فون جي اسڪرين کي ڏسڻ بند ڪيو، ڇو ته موبائل مان نڪرندڙ تيز روشني توهان جي اک واري هيٺين حصي ۾ ڪوليجن ۽ الاسٽن کي ختم ڪندي آهي.
  2. آئرن جي کوٽ کي پورو ڪيو. جسم ۾ آئرن يا هيموگلوبن جي کوٽ چمڙي جي سيلن کي آڪسيجن پهچائڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ميلانن گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ جيئن ته اکين جي هيٺين چمڙي سنهي هوندي آهي ان ۾ رنگ نظر اچڻ لڳندو آهي.