ناليوارو ٽي وي ڪمپئر ۽ اداڪار طارق عزيز لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: مشهور ٽي وي ڪمپيئر ۽ اداڪار طارق عزيز 84 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، طارق عزيز ٽي وي شو “نيلام گهر” کانپوءِ تمام گهڻي مشهوري ماڻي، طارق عزيز پاڪستاني فلمن ۾ به اداڪاري ڪئي، اسيمبلي ميمبر به رهيو، طارق عزيز پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪئي هئي، ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان جي فلم انڊسٽري سان واسطو رکندڙ توڙي سياستدانن پاران طارق عزيز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.