ڪانگريس جي خطن تي تبصري کان انڪار، عمران بابت فيصلو پاڪستاني عدالتون ڪنديون: آمريڪا

واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، زلمي خليل زاد ۽ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جي باني پي ٽي آءِ بابت بيانن جي معاملي تي ترجمان خانگي ٽي وي کي جواب ڏئي ڇڏيو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسان ڪانگريس جي خطن تي ڪو به تبصرو نٿا ڪريون، ترجمان اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ جا ڪيسز پاڪستاني آئين ۽ قانون موجب هوندا سڄي دنيا جي ملڪن جيان پاڪستان سان به رابطن ۾ آهيون، ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوري اصولن آئيني ۽ انساني هقن جي حڪمراني جو مطالبو ڪريون ٿا انساني حق آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جو اهم حصو آهن. انساني حقن سميت ٻين نقطن تي به باقاعدگي سان پاڪستاني عملدارن سان رابطي ۾ آهيون.

Refusal to comment on Congress letter