ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن کي معافيون ۽ اين آر او نه ملندو: عظميٰ بخاري

لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ملڪ جي خلاف سازشون ڪندڙن کي معافيون ۽ اين آر او نٿو ڏئي سگهجي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته هڪ شيطاني سوچ واري شخص ۽ مخصوص پارٽي نوجوانن جا برين واش ڪيا، 9 مئي ۽ 26 نومبر جون ناڪام بغاوتون نوجوانن جي برين واش جو نتيجو آهن، نوجوانن کي پاڻ فيصلو ڪرڻو آهي ته انهن کي پنهنجو روشن مستقبل گهرجي يا شطاني سوچ واري شخص جي اقتدار جي حوس جو ايندهن بنجڻ آهي.

هن چيو ته جيڪي اقتدار جي ڪرسي تي ويهي شاهي حڪم کي آخري قرار ڏيندا هئا اڄ انهن کي آئين ۽ قانون جون ڳالهيون ڪندي شرم اچڻ گهرجي، هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ قوم جي ٻارن کي اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن کان پوءِ اسڪالر شپ ڏئي رهي آهي، مريم نواز شاگردن سان گڏ لکين والدين جون دعائون حاصل ڪري رهي آهي، جيڪي مريم نواز جي ڪارڪردگي جو مقابلو نٿا ڪري سگهن  اهي انهي تي ڪيچڙ اڇلي رهيا آهن.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته مريم نواز جي خلاف 2014 کان گهٽيا مهم هلي رهي آهي پر هر گذرندڙ ڏينهن سان هو مشهور ۽ طاقتور ٿي رهي آهي، جيڪي عوام جي ووٽ سان اقتدار ۾ اچن ٿا انهن کي عوام جي فڪر هوندي آهي، جيڪي چور دروازن  کان اقتدار تي قابض ٿيندا آهن اهي قوم جي ٻارن جي هٿن ۾ پيٽرول بم ۽ غليلون ئي ڏيندا آهن.