ڪراچي دورو،وقت ايندو ته آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چونداسين: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: حڪومت آءِ ايم ايف کي بجلي جي بلن ۾ سيلز ٽيڪس گهٽ ڪرڻ تي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.

ذريعن موجب عالمي مالياتي فنڊ طرفان توانائي واري وزارت جي درخواست رد ڪئي وئي آهي جنهن ۾ حڪومت آءِ ايم ايف کان بجلي جي بلن ۾ سيلز ٽيڪس گهٽ ڪرڻ تي راءِ گهري هئي.

آءِ ايم ايف جو انهي حوالي سان چوڻ آهي ته قرض پروگرام جي تحت نون ٽيڪسز سان ڇوٽ نٿي ڏئي سگهجي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وضاحت ڏني آهي ته سيلز ٽيڪس ڇوٽ سان ٽيڪس حدف حاصل ڪرڻ ممڪن نه رهندو.

ياد رهي ته بجلي جي بلن تي 10 سيڪڙو جي ايس ٽي ٻه ڀيرا لڳايو ويو آهي. هڪ ڀيرو بل جي گڏيل رقم تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳي ويندو آهي جڏهن ته ٻيون ڀيرو فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ تي به سيلز ٽيڪس ورتو ويندو آهي.

Karachi tour