ڪراچي : يخني کي هڏين ۽ ٽشوز سان تيار ڪيو ويندو آهي، هي جوڙن، مدافعتي قوت ۽ صحتمند هاضمي واري نظام کي برقرار رکڻ لاءِ توانائي جو هڪ بهترين ذريعو آهي.
يخني اندروني صحت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ اهم غذائي سپليمينٽ به آهي. سياري ۾ هن سولي نسخي کي ايڏي اهميت جو حاصل آهي؟ ان حوالي سان ڪجهه ڳالهيون ڄاڻڻ گهرجن.
يخني هڪ سولي ريسيپي آهي، اوهان رڳو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ حلال جانورن جون ڪجهه سٺيون هڏيون ۽ ٽشور اٻاريندا آهيو ته تخني تيار ٿي ويندي آهي. ڪجهه ثقافتن ۾ يخني جي ذائقي ۽ فائدن کي وڌائڻ لاءِ ڪي ٻيون شيون به شامل ڪيون وينديون آهن.
پاڪستان ۾ يخني لاءِ ڳئون، ڪڪڙ ۽ ٻاڪرو گوشت مقبول آهي. يخني کي سوپ يا ٻوڙ جي شڪل ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، يخني اڳوڻي دور کان ئي ثقافتن ۾ غذا جو هڪ وڏو حصو رهي آهي.
هڏن جي ٻوڙ جا ڪيترائي فائدا هوندا آهن، هي پروٽين جو هڪ ڀرپرو ذريعو به آهي، جانورن جي هڏين ۾ موجود معدنيات ۽ صحتمند وٽامنز ان جي فائدن کي وڌائين ٿا. يخني سان اسان جي صحت تي متاثر ڪندڙ اثر پوندو آهي.
هڏن جو ٻوڙ ليڪي گت سنڊروم جو شڪار ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ سڃاتو ويندو آهي، جنهن ماڻهن کي ليڪي گٽ سنڊروم هوندو آهي انهن ۾ آنڊن ۾ سوراخن جون لائينون هونديون آهن. يخني ۾ غذائي جز آنڊن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن. پيٽان ويهڻ ۽ قبض کي ختم ڪندا آهن. جيڪي ماڻهو ملٽي وٽامن ناهن وٺي سگهندا اهي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ روز يخني جو هڪ ڪپ واپرائي سگهن ٿا.
يخني ڪولاجن وڌائيندي آهي، هن ۾ موجود امينو ايسڊ ان لاءِ مدد ڪندو آهي، يخني هڏن، لگامنٽس ۽ ٽينڊنز ۾ موجود پروٽين جي صحت کي وڌائيندي آهي. ڪولاجن لاءِ يخني پيئڻ اهم ۽ بهترين فائدن واري آهي.
جڏهن اوهان باقاعدگي سان يخني استعمال ڪندا آهيو ته اوهان جو جسم پنهنجا ٽشو ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. يخني ۾ قدرتي طور تي 2 وڏا پروٽين هوندا آهن جيڪي هڏن ۽ ماس جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪندا آهن، اهي ٻئي پروٽين جوڙن جي سور کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪم اچن ٿا ۽ آسٽيو آرٿرائيٽس جي علامتن کي به گهٽ ڪن ٿا.
اڪثر اهي سوال ڪيا ويندا آهن ته ڇا يخني وزن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سٺي آهي؟ يعني يخني هڏن جو ٻوڙ حيرت جوڳي طور تي ڪيلوري گهٽ ڪندو آهي ۽ اوهان جي بک گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
جيڪڏهن هر قديم دور تي نظر وجهجهي ته ماڻهو وڌيڪ ٻوڙ واريون غذائون واپرائيندا هيا يا سوپ ٺاهيندا هئا، اهو ئي سبب آهي جو سوپ هڪ مڪمل عزا هجڻ جو احساس ڏئي ٿو ۽ جسم جي وزن ۽ پيٽ جي چرٻي کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
يخني جو هڪ اهم فائدو اهو آهي ته هي ماس وڌائي ٿي، هي انهن ماڻهن لاءِ اهم آهي جيڪي وزن گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ انهن لاءِ به فائديمند آهي جيڪي وزن وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ٻنهي صورتن ۾ پروٽين جو وڌيڪ مقدار گهربل هوندو آهي جيڪو جسم جي چرٻي کي ختم ڪندو آهي ۽ ان کي قوت ۽ طاقت ۾ تبديل ڪندو آهي.
سياري ۾ اوهان خراب ۽ خشڪ کل سان گزارو ڪيو هوندو، اهڙي حالت لاءِ ڪريم يا تيل هڻڻ ڪافي ناهي هوندو. اوهان جيتري به ڪوشش ڪريو، ڪو وڌيڪ فرق ناهي پوندو، جهڙو اوهان چاهيندا آهيو، اهڙو ڪو لوشن يا ڪريم ناهي جيڪا قدرتي طور کل کي ٺيڪ ڪري.
جڏهن اوهان کي سيءُ ٿيندو آهي ته اهو اثر ٺيڪ ڪرڻ لاءِ مائرون تازو تيار ڪيل هڏن جو ٻوڙ پيئڻ تي مجبور ڪنديون آهن، ان کي پيئڻ سان رڳو ٽن ڏينهن ۾ اوهان جي صحت بهتر ٿي ويندي آهي ۽ اوهان جي کل ۾ به فرق محسوس ٿيندو آهي، اوهان جي کل چمڪڻ لڳندي آهي.
يخني ۾ هڪ اهم شئي گليسين هوندو آهي، هي هڪ پروٽين آهي، جيڪو اسان جي جسم ۾ نند ۽ آرام لاءِ اهم هوندو آهي، ڪيترين ئي تحقيقن ۾ خبر پئي آهي ته گليسين دماغ کي آرام ڏيڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ ننڊ جي معيار کي وڌائيندو آهي. جيڪڏهن اوهان عام انسانن جيان ڪم ڪندڙ شخص آهيو ته اوهان کي معياري نند جي اهميت جي خبر هجڻ گهرجي، اوهان يخني پيئڻ بعد گهاٽي نند ڪري سگهو ٿا، ان سان دماغ کي سڪون ملندو آهي ۽ دماغي سڪون سڀ ڪنهن لاءِ ضروري آهي.
يخني جا کوڙ فائدا هوندا آهن، هي غذائي شين سان ڀرپور هوندي آهي ۽ هن جو استعمال ڪرڻ جو ڪو هڪ طريقو ناهي، يخني لاءِ تحقيق اڃا باقي آهي پر ذاتي تجربن موجب هي صحت، شفا ۽ تندرستي جو بهترين نسخو آهي، کڻي اهو کل لاءِ هجي يا ماس ٺاهڻ لاءِ، سياري ۾ هڏن جي ٻوڙ جو هڪ ڪپ واقعي فرق پيدا ڪري سگهي ٿو.