لاهور: پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ريما خان هڪ دفعو ٻيهر خبرن جي زينت بڻجي وئي آهي، هن ڀيري هڪ شخص شاهد رفيق طرفان ان تي فراڊ جا الزام لڳايا ويا آهن جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
قطر ۾ نوڪري ڪندڙ شاهد رفيق دعويٰ ڪئي آهي ته هن ريما خان جي فلم(لو مين گم) ۾ سرمائيڪاري ڪئي هئي پر انهي سان گڏ ريما طرفان ڪروڙين روپين جو فراڊ ڪيو ويو آهي.
شاهد رفيق موجب 2009 ۾ هو قطر کان لاهور واپس آيو ته جيئن پراپرٽي خريد ڪري سگهي، انهي دوران انهي جي ملاقات ريما خان جي ڀيڻ مائره خان سان ٿي، جيڪا ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار سان جڙيل هئي، مائره مون کي فلم ۾ سرمائيڪاري جو مشورو ڏنو ۽ منافعي جو به يقين ڏياريو جنهن تي مان راضي ٿي ويس.
شاهد خان چيو ته مائره منهنجي ريما خان سان ملاقات به ڪرائي جنهن کان پوءِ مون پئسا منتقل ڪيا پر مائره مون کي پلاٽ وڪرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي وڌيڪ رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته ريما مون کي ملائيشيا گهرايو، جتي فلم جي شوٽنگ جاري هئي، شاهد رفيق چيو ته هن فلم مڪمل ڪرائي پر وڌيڪ پئسا گهرڻ تي مون پنهنجي رقم واپس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. شاهد رفيق موجب ريما مون سان هڪ معاهدو ڪيو پر رقم واپس نه ڪئي.
شاهد جي دعويٰ آهي مون وٽ سمورا ثبوت موجود آهن جنهن تي مون ريما تي ڪيس داخل ڪري رکيو آهي پر ريما عدالت ۾ پيش نه ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري گذريل چئن سالن کان ڪيس التوا جو شڪار آهي. سوشل ميڊيا تي اها وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ صارفين شاهد رفق سان همدردي رکندي کيس قانوني ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن ۽ پاڪستاني اداڪاره ريما تي تنقيد به ڪري رهيا آهن.