سب ميرين ڪيبل خراب، پي ٽي اي جو بيان اچي ويو

اسلام آباد: سب ميرين ڪيبل ۾ خرابي سبب ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، پاڪستان ٽيلي   ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موجب قطر جي ويجهو سب ميرين ڪيبل

AAE1 ۾ خرابي پيدا ٿي آهي، پي ٽي اي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪيبل جي خرابي سبب انٽرنيٽ، براڊ بينڊ استعمال ڪندڙن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، پي ٽي اي موجب، ڪيبل 7 انڊر سي ڪيبلز مان هڪ آهي، جيڪا پاڪستان کي بين الاقوامي انٽرنيٽ ٽرئفڪ سان ڳنڍيندي آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽيمون مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ۽ پي ٽي اي طرفان صورتحال جي نگراني ڪئي پئي وڃي.

Submarine cable damaged