يوٽيوب تان پئسا ڪمائڻ لاءِ هي طريقو آزمايو

جڳ مشهور وڊيو شيئرنگ سروس يوٽيوب ذريعي سڄي دنيا ۾ ڪيئي ئي ماڻهن کي واڌو آمدني حاصل ٿيندي آهي.
جي ها واقعي، يوٽيوب وڊيوز ذريعي پيسا ڪمائڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هڪ پرڪشش پليٽفارم بڻجي چڪو آهي.
اربين ماڻهو هن وڊيو شيئرنگ ايپ جو استعمال ڪن ٿا، انڪري ئي تخليقي سوچ رکڻ وارن لاءِ هي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ بهترين پليٽ فارم آهي.
يوٽيوب پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجي هر ماڻهو هن وڊيو شيئرنگ پليٽفارم ذريعي پيسا ڪمائي سگهي ٿو، پر يوٽيوب مان پيسا ڪمائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ ضروري آهي؟
يعني توهان پنهنجي يوٽيوب چينل ذريعي ڪيئن آمدني حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ يوٽيوب پارٽنر پروگرام ۾ شموليت جا شرط ڪهڙا آهن؟
يوٽيوب مونيٽائيزيشن ڇا آهي؟
يوٽيوب مونيٽائيزيشن سان واهپيدارن کي اشتهارن، چينل جي ميمبرشپ، سپر چيٽ ۽ مرچنڊائيز ذريعي پيسا ڪمائڻ جو موقعو ملندو آهي.
انهن فيچرز کي ان لاڪ ڪرڻ لاءِ اوهان کي يوٽيوب پارٽنر پروگرام (واءِ پي پي) جو حصو بڻجڻ لازمي آهي.
يوٽيوب پارٽنر پروگرام ۾ شموليت جا شرط
پنهنجي يوٽيوب چينل مان پيسا ڪمائڻ کان اڳ اوهان کي هن پليٽفارم جون شرطون پوريون ڪرڻيون آهن
سڀني مونيٽائيزيشن پاليسين تي عمل ڪريو
يوٽيوب جي سڀني پاليسين ۽ گائيڊ لائنز تي عمل ڪرڻ پيسا ڪمائڻ لاءِ لازمي شرط آهي، يعني اوهان کي ڪميونٽي گائيڊ لائنز، ٽرمينز آف سروسز ۽ ڪاپي رائيٽ قانونن جو خيال رکڻو پوندوآهي.
واءِ پي پي پروگرام واري ملڪ ۾ رهائش
هن پروگرام ۾ شموليت انهن ماڻهن لاءِ ئي ممڪن هوندي جتي اِها سهولت موجود آهي، سٺي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ پڻ واءِ پي پي پروگرام موجود آهي.
سبسڪرائيبرز ڪيترا هجڻ گهرجن؟
هن پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 1000 سبسڪرائيبرز هجڻ ضروري آهي.
هڪ سال دوران مخصوص وڊيوز جا ويوز
اوهان جي وڊيوز کي گذريل هڪ سال دوران جيڪڏهن 4000 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ڏٺو ويو آهي، تڏهن اوهان کي واءِ پي پي ۾ شموليت جي اهل قرار ڏنو ويندو.
ايڊسنس اڪائونٽ لنڪ ڪرڻ
پيمنٽ وصول ڪرڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي ايڊسنس اڪائونٽ کي يوٽيوب چينل سان ڳنڍڻو پوندو.
يوٽيوب تي ڪمائڻ لاءِ اپلاءِ ڪيئن ڪجي؟
جيڪڏهن اوهان مٿي ڄاڻايل شرطن تي پورو لهو ٿا ته پوءِ پيسا ڪمائڻ لاءِ اپلاءِ ڪري سگهو ٿا.
سڀ کان پهريان اوهان کي پنهنجي گوگل اڪائونٽ تي ٽو اسٽپ ويريفڪيشن کي فعال ڪرڻو پوندو ته جيئن اڪائونٽ کي تحفظ ملي سگهي.
ان کانپوءِ پنهنجي يوٽيوب اڪائونٽ کولڻ ۽ مٿي ساڄي پاسي پروفائل تصوير تي ڪلڪ ڪريو ۽ اتي يوٽيوب اسٽوڊيو سليڪٽ ڪريو .
يوٽيوب اسٽوڊيو ۾ کاٻي پاسي Monetization ٽيب تي ڪلڪ ڪريو، جيڪو اوهان کي اوور ويو صفحي تي وٺي ويندو.
اتي ريويو پارٽنر پروگرامز ٽرمز ڪارڊ جي اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۽ شرط پڙهڻ چاهيو ٿا ته پڙهو نه ته Accept تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو.
جيڪڏهن اوهان جو ايڊسنس اڪائونٽ ناهي ته پوءِ اوهان کي اهو ٺاهي يوٽيوب چينل سان شامل ڪرڻو پوندو، ان لاءِ سائن اپ فار گوگل ايڊسنس ڪارڊ تي اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
اوهان Set Monetization Preferences ڪارڊ تي انهن اشتهارن جي قسمن کي چونڊي سگهو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي چينل تي هلائڻ چاهيو ٿا، ها پر ان ۾ بعد ۾ ڦيرڦار ڪري سگهجي ٿي.
مٿي ڄاڻايل سڄو پروسيس مڪمل ٿيڻ کانپوءِ يوٽيوب اوهان جي چينل جو جائزو وٺندو، جنهن ۾ ڪجهه ڏينهن کان وٺي هفتن تائين وقت لڳي سگهي ٿو ۽ ڪمپني جي طرفان فيصلو ڪرڻ کانپوءِ اوهان کي اي ميل ذريعي اطلاع ڏنو ويندو