شادي لاءِ ڪو رشتو آيو نه ئي ڪو رابطو ڪري ٿو: يشما گل

ڪراچي : اداڪارا يشما گل جو چيو آهي ته اڃا تائين کيس شادي لاءِ ڪو رشتو ناهي مليو ۽ نه ئي ڪو مرد ڊپ کان ساڻس رابطو ڪري رهيو آهي.
يشما گل تازو هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف معاملن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته هوءَ پنهنجي صحت جو خيال رکڻ لاءِ نه رڳو روزانو ورزش ڪندي آهي، پر صحيح خوراڪ جي چونڊ ۽ ذهني مسئلن جي صورت ۾ ماهرن سان مشورا پڻ ڪندي.
اداڪارا شادي واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته عام ماڻهن ۾ اهو تاثر آهي ته نوڪري ڪندڙ عورتن، خاص ڪري اداڪارن کي شادي جي ضرورت نه آهي، جيڪو غلط آهي.
يشما گل موجب، نوڪري ڪندڙ عورتون ۽ اداڪارائون به عورتون هونديون آهن ۽ انهن لاءِ به ٻين عورتن جيان شاديءَ جي ضرورت هوندي آهي.
اداڪارا چيو ته حقيقت ۾ اداڪارن يا نوڪري ڪندڙ عورتن کي شادي يا ساٿي جي ضرورت وڌيڪ هوندي آهي، ڇو ته انهن کي ڪم دوران ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ان ڪري انهن کي ساٿي جي ضرورت آهي.
هن چيو ته ماڻهن ۾ اهو تاثر آهي ته شوبز ۾ ڪم ڪندڙ عورتون هر وقت ٻاهر رهنديون آهن، ان ڪري ان ڳالهه جو خدشو هوندو آهي ته اهي گهر جو وقت ڏئي سگهنديون يا نه ۽ اهو به سمجهيو ويندو آهي ته اهي شادي جي اهميت نٿيون سمجھن.
اداڪارا مطابق، ماڻهو شوبز جي عورتن بابت غلط تاثر رکن ٿا، اداڪارائون به گهر سنڀالڻ، کاڌو ٺاهڻ ۽ گهر جا ڪم ڪرڻ ڄاڻن ٿيون ۽ انهن کي پڻ شادي جي اهميت جو پتو آهي.
يشما گل چيو ته جيڪڏهن سندس لاءِ خاندان ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو رشتو اچي ٿو ته رشتو وٺڻ وارا پهريان اهو مطالبو ڪندا آهن ته ڇوڪري شوبز ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ اهو هوءَ چاهيندي ناهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن مسڪرائيندي چيو ته جيڪڏهن کيس پنهنجن خيالن موجب 100 سيڪڙو درست مرد مليو ته هو ان لاءِ شوبز پڻ ڇڏيندي.
يشما گل چيو ته هن ماضي ۾ پنهنجي مستقبل جي مڙس بابت بيان ڏنو هو، پر ان باوجود هن کي اڃا تائين ڪو رشتو ناهي مليو، هن پنهنجي دوستن جي والدن کي رشتو ڳولڻ لاءِ چيو آهي.
اداڪارا چيو ته ڪجهه مرد اداڪارن سان لاڳاپن ۽ شادي لاءِ رابطو به ناهن ڪندا، ڇاڪاڻ ته انهن کي لڳندو آهي ته اداڪارائون مغرور هونديون آهن، انهن وٽ وقت ناهي، انهن جي دنيا مختلف هوندي آهي.
يشما گل واضح ڪيو ته اهڙو ڪجهه ناهي، اداڪارائون به عام انسان آهن، انهن جي دنيا ۾ پڻ مسئلا هوندا آهن، جيڪڏهن ڪو سٺو شخص آهي ته هو اداڪارائن سان به شادي لاءِ رابطو ڪري سگھي ٿو.
ياد رهي ته ماضي ۾ يشما گل چيو هو ته هو اهڙي شخص سان شادي ڪرڻ چاهيندي جنهن جي دل ۾ خدا جو خوف هجي.