سپريم ڪورٽ: عمران خان جي ضمانت جون 8 اپيلون سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ضمانت کان پوءِ گرفتاري جون 8 اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿي ويون، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سڀاڻي ساڍي 9 وڳي ٻڌڻي ڪندي.

رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ عمران خان جي ضباعت بعد گرفتاري جون 9 اپيلون سڀاڻي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سڀاڻي ساڍي 9 وڳي ٻڌڻي ڪندو. جسٽس محمد شفيع صديقي به بينچ ۾ شامل آهي.

عمران خان ايڊووڪيٽ سلمان صفدر جي ذريعي 9 مئي جي ڪيسز ۾ ضمانت جي لاءِ  اپيلون داخل ڪيون هيون، لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

ياد رهي ته 9 مئي 2023 تي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتاري کان پوءِ پي ٽي آءِ طرفان ملڪ گير احتجاج ڪيو ويو هو. انهي دوران لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ 9 مئي تي مسلم ليگ(ن) جي آفيس کي ساڙڻ کان علاوه فوجي، سول ۽ نجي ٺڪاڻن کي باهيون ڏنيون ويون، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي به نقصان پهچايو ويو جڏهن ته انهي دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا فوت ۽ 290 زخمي ٿي پيا هئا.

انهي کان پوءِ سموري ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان جهيڙي، ڀڃ ڊاهه ۽ باهين ۾ ملوث 1900 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته عمران خان ۽ ان جي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا هئا.