2025ع ۾ اهم ايونٽس ۾ شرڪت ڪندس: ارشد نديم

لاهور: پاڪستان جي اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ جيولن ايٿليٽ ارشد نديم چيو آهي ته هو 2025 ۾ ٿيندڙ وڏن ايونٽس ۾ شرڪت ڪندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ ارشد نديم چيو آهي ته 2024ع منهنجي لاءِ ۽ سڄي پاڪستان لاءِ تمام سٺو رهيو، 2025ع ۾ پنهنجي بهترين کيڏڻ جو هدف آهي.هن چيو آهي ته جيڪڏهن مان ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ پنهنجو بهترين اڇلايو ته گولڊ ميڊل کٽيندس.اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ جو چوڻ آهي ته هن ڪمن ويلٿ گيمز ۽ پيرس اولمپڪس ۾ به بهترين اڇلائڻ سبب رڪارڊ قائم ڪيا.ارشد نديم چيو ته هو اولمپڪس 2028ع ۾ پنهنجي اعزاز ۽ عالمي رڪارڊ جو دفاع ڪرڻ چاهي ٿو.ياد رهي ته هن سال پيرس اولمپڪس 2024ع ۾ 40 سالن کانپوءِ ارشد نديم پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيو هو.