ڪراچي جي شهرين جون پريشانيون گهٽ نه ٿي سگهيون، شهر جي مختلف هنڌن تي ڌرڻا جاري

ڪراچي: ڪراچي جي شهرين جي پريشاني ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، شهر ۾ جاري ڌرڻن جي لاءِ ڪراچي پوليس چيف طرفان ڏنل ڊيڊ لائن به ختم ٿي وئي.

پارا چنار جي صورتحال تي مجلس وحڊت المسلمين طرفان ڪراچي جي 12 هنڌن تي اڃان تائين ڌرڻا جاري آهن جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر آهي، شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو ڪالهه چيو هو ته آفيسرن کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، مغرب کان پهريان روڊن کي ڪليئر ڪرائينداسين ڪنهن به رياست جي رٽ لاڳو ڪرڻ ۾ مزاحمت ڪئي ته سختي سان منهن ڏينداسين. شهر ۾ جاري ڌرڻن جي لاءِ ڪراچي پوليس چيف طرفان ڏنل ڊيڊ لائين ختم ٿي وئي، شهر جي 10 کان وڌيڪ هنڌن تي اڃان تائين ڌرڻا جاري آهن.

ڌرڻي سبب جوهر چورنگي کان جوهر موڙ ڏانهن ايندڙ ٽريفڪ جڏهن ته ڪامران چورنگي مڪمل طور تي بند آهي. يونيورسٽي روڊ تي سفاري پارڪ، ابوالحسن اصفهاني روڊ تي عباس ٽائون جي هنڌ تي روڊ بند آهي.

انهي کان علاوه شاهراهه پاڪستان تي انچولي ۽ عائشه منزل چورنگي جي هنڌ تي ڌرڻا جاري آهن جنهن جي ڪري نارٿ ناظم آباد، فائيو اسٽار چورنگي، سرجاني ٽائون، شمس الدين عظيمي روڊ، ناظم  آباد نمبر 2، نواب صديق خان  روڊ ڌرڻن سبب بند آهي.

احتجاجي ڌرڻن سبب شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ حسن ظفر نقوي چيو آهي ته اسان علامه راجه ناصر عباس جي اعلان تي ئي ڌرڻا ختم ڪنداسين.