ڪڪڙوڪو اصل ۾ ڪڪڙ جي ٻانگ آهي، جيڪا علي الفجر گونجي ٿي.ڪڪڙ جي اها ٻانگ، صبح جي اچڻ ۽ ڏينهن جي شروعات جي خبر ڏئي ٿي. سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾، هاري ناري، مزدور، ۽ هر اهو شخص جيڪو پنهنجي روزاني زندگيءَ جو واپار صبح سوير شروع ڪري ٿو، ڪڪڙوڪو جي ٻانگ ٻڌي پنهنجو هنڌ ڇڏي پورهئي جي ميدان ۾ لهي ايندو آهي. اها ٻانگ، زندگيءَ جي هلچل، تحرڪ، ۽ اميد جي علامت هوندي آهي. پر، جڏهن اهو "ڪڪڙوڪو” ڪنهن ماڻهوءَ جي واتان نڪري ٿو، ته ان جو مفهوم تمام گهڻو مٽجي ويندو آهي.
ڪڪڙوڪو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو لفظ آهي جيڪو ويراني جي تصوير بيان ڪري ٿو، سنڌيءَ ٻولي ۾ جيڪڏهن ڪوئي ڪڪڙوڪو لڳي پئي آ استعمال ڪري ته ان جو اهو مطلب ناهي ته ان جاءِ تي ڪڪڙ رڳو ٻانگون پيا ٿا ڏين، پر اهو ڪنهن سنسان ۽ ويران جاءِ جو حوالو هوندو آهي. مطلب ته ڪڪڙ جي ٻانگ واري ڪڪڙوڪو، سنڌيءَ ۾ احساساتي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ سماجي ميل جهول جي کوٽ، اداسي ۽ ڪنهن گم ٿيل زندگي جي بيهڪ سمايل هجي ٿي.
اهو لفظ عام طور تي ويران ٻنين، خالي رستن، يا اهڙن هنڌن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جتي ڪا حرڪت نه هجي، بس هڪ سناٽو هجي. ان جا مطلب گهڻا ٿي سگهن ٿا جن ظاهري خاموشي، شايد ڪنهن دل جي اندر ڀريل ڪيفيت، جيڪا ٻاهر نه ٿي ظاهر ڪري سگهجي وغيره. اها ماڻهن، يا ڪنهن بني بشر ۽ آواز جي غير موجودگي سميت ڪڏهن ڪڏهن "ڪڪڙوڪو” ماڻهوءَ جي اندر ۾ به هوندي ٿو، جتي ويجهڙائيءَ جا سڀ احساس ويران بڻجي وڃن ٿا.
هن لفظ جو مقصد وقت، جاءِ، ۽ جذبي جي هڪجهڙائي کي بيان ڪرڻ آهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي فطرتي ماحول سان ايترا جڙيل آهن جو لفظن ذريعي هر منظر ۽ احساس کي تصوير بڻائي پيش ڪن ٿا. اها سنڌي ماڻهن جي عظيم خيالي چئبي جو هو ڪنهن پَکي جي ٻولي يا ٻانگ "ڪڪڙوڪو” جو ذڪر ڪندي پنهنجون گهريون ڪيفيتون به ظاهر ڪري وڃن.