سڄي دنيا ۾ سمارٽ فونز ۾ چارجنگ لاءِ مختلف اسٽينڊرڊ استعمال ٿيندا رهيا آهن، جيئن اينڊرائيڊ فونز ۾ مائڪرو يو ايس بي يا يو ايس بي سي پورٽ، جڏهن ته ايپل جي آءِ فونز ۾ لائٽننگ ڪنڪٽرز.
پر هاڻي دنيا جون سڀ ڪمپنيون هڪ ئي موبائل چارجنگ پورٽ استعمال ڪرڻ لاءِ پابند ٿي وينديون.
جي ها، 28 ڊسمبر کان يورپي يونين ۾ اهو قانون لاڳو ٿي چڪو آهي، جنهن موجب يورپي يونين ۾ سڀني موبائل فونز، ٽيبليٽس ۽ ڪيمرائن لاءِ هڪ ئي چارجنگ پورٽ جو استعمال لازمي ٿي چڪو آهي.
مطلب يورپي يونين جي سڀني 27 ملڪن ۾ هاڻي سڀني نون سمارٽ فونز، ٽيبليٽس، ڊيجيٽل ڪيمرائن، هيڊ فونز، اسپيڪرز ۽ ڪي بورڊز جو چارجر هڪ ئي قسم جو هوندو.
ان قانون تحت سڀني ڪمپنين کي پابند ڪيو ويو آهي ته انهن جي نين ڊيوائسن ۾ يو ايس بي سي پورٽ جو استعمال ڪيو وڃي.
هاڻي هڪ ئي چارجر سان لڳ ڀڳ سڀني ڊيوائسز کي چارج ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو.
واضح رهي ته يورپي يونين پاران آڪتوبر 2022 ۾ ان قانون جي منظوري ڏني وئي هئي، ان وقت يورپي يونين ڪمپنين کي اها تبديلي آڻڻ لاءِ 2 سالن کان وڌيڪ وقت ڏنو هو.
ايپل اها ڪمپني آهي، جنهن ان قانون تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ آئءِ فون 15 سيريز ۾ يو ايس بي سي پورٽ متعارف ڪرايو هو.
ان جي مقابلي ۾ اينڊرائيڊ لاءِ اڳ ۾ ئي گهڻن فونز ۾ يو ايس بي سي ڪنيڪٽرز چارجنگ لاءِ استعمال ٿيندا رهيا آهن.
يورپي يونين جي ان فيصلي جي نتيجي ۾ هاڻي سڄي دنيا ۾ مختلف ڊيوائسز لاءِ هڪ ئي چارجر جو استعمال ممڪن ٿيڻ وارو آهي، ڇو ته ڪمپنين لاءِ رڳو هڪ کنڊ ۾ تبديلي تي عمل ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو ۽ سڀ کان آسان اهو آهي ته سڄي دنيا ۾ يو ايس بي سي پورٽ جو استعمال ڪيو وڃي.
ان فيصلي سان رڳو يورپي يونين ۾ ئي واهپيدارن کي ساليانو 20 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ جي بچت ٿيڻ جو امڪان آهي.