لاهور : 2024ع پنجاب ۾ گرم ترين سال رهيو، اونهاري جو مدو وڌي ويو جڏهن ته سردي جو مدو گهٽجي 45 ڏينهن ٿي ويو.موسميات کاتي موجب پنجاب ۾ 2024ع دوران سخت گرمي هئي، گرمي جي موسم مئي کان شروع ٿي آڪٽوبر تائين جاري رهي.ان دوران وڌ ۾ وڌ ۽ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ۾ فرق تمام گهٽ رهيو، لاهور ۾ گرمي جي شدت 55 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي، پنجاب ۾ آڪٽوبر تائين پنکھا هلندا رهيا.موسميات کاتي موجب 2024ع ۾ گرمي جو 15 سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو ويو، هوائون بند رهيون ۽ برساتون به گهٽجي ويون.لاهور ۾ هڪ به سٺي برسات نه پئي، مئي کان جولاءِ تائين موسم خشڪ رهڻ سبب شهري گرمي ۽ ٿڌ سبب پريشان ٿي ويا.آڪٽوبر جي ٻئي هفتي ۾ سموگ جي موسم شروع ٿي ته لاهور سميت اڪثر ضلعن کي سموگ پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.2024ع ۾ صوبائي راڄڌاني جي ڪجهه علائقن ۾ هوا جي معيار جو انڊيڪس 2 هزار کان به وڌي ويو، هوا انتهائي خراب ٿي وئي، شهر ۾ مٽي جا بادل ڇانئجي ويا.