وزيراعظم پاران لاهور ۾ ڪورونا ايس او پيز جون پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ ڪورونا ايس او پيز جون پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن هدايت ڪئي آهي ته لاهور سميت پنجاب ۾ جتي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي اتي سخت ايڪشن کنيو وڃي.

وزيراعظم عمران خان جي سربراهي دوران ٿيندڙ اجلاس ۾ لاهور سميت پنجاب ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي روڪڻ جي لاءِ خاص قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. عمران خان چيو ته عوام کي ماسڪ، سماجي وٿي ۽ ٻين احتياطي تدبيرن تي هر صورت ۾ عمل ڪرڻو پوندو.

عمران خان چيو ته اپوزيشن جو ڪم صرف تنقيد ڪرڻ آهي. اسان تنقيد کان ڊڄڻ وارا ناهيون حڪومت ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي ان جي باوجود حالتون ڪنٽرول ۾ آهن. عثمان بزدار پنجاب کي هڪ زبردست ٽيم سان گڏ سٺي طريقي سان هلائي رهيو آهي.

عمران خان چيو ته اپوزيشن جو ڪم صرف تنقيد ڪرڻ آهي. اسان تنقيد کان ڊڄندا ناهيون. حڪومت کي ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان جي باوجود حآلتون ڪنٽرول ۾ آهن. غثمان بزدار سٺي طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي