غزه ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري، وڌيڪ 42 فلسطيني شهيد، 133 زخمي

غزه: غزه ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، جمعي جي صبح کان جاري ڪارروائي ۾ وڌيڪ 42 فلسطيني شهيد ۽ 133 زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيل جي نصيرات پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ تازي حملي ۾ 24 فلسطيني فوت ٿي ويا. جڏهن ته ڪمال عدوان اسپتال جي آءِ سي يو ڊائريڪٽر به شهيد ٿي ويا. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب غزه ۾ شهيدن جو انگ 44 هزار 363 ٿي ويو.

ٻئي طرف حماس مغربي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي بس کي نشانو بنايو جنهن ۾ 9 اسرائيلي فوجي زخمي ٿيا انهن ۾ 3 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

هوڏانهن گڏيل قومن جي امدادي اداري(انروا) ٻئي  عالمي جنگ کان پوءِ غزه کي سڀني کان وڌيڪ بمباري سبب متاثر علائقو قرار ڏئي ڇڏيو. گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ ڏڪار جو خطرو وڌي رهيو آهي، 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو خوراڪ ۽ صاف پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. انهي کان علاوه برطانيه جي 60 پارليامينٽ ميمبرن پرڏيهي وزير کي اسرائيل تي پابندي لڳائڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيو

42 more Palestinians were martyredThe Israeli army continued to attack in Gaza