اسٽاڪ ايڪسچينج، ڪاروباري هفتو 99 هزار 623 جي حد پار

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي تازه ڪاريون سامهون آيون.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي ۾ مثبت رجحان رهيو جتي 100 انڊيڪس 3 هزار 34 پوائنٽن جي واڌ سان 97 هزار 798 تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 5 هزار 2 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو.اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 99 هزار 623 جڏهن ته هيٺين سطح 94 هزار 620 هئي.هڪ هفتي دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 4.95 بلين شيئرز جو واپار ٿيو. شيئر مارڪيٽ جي هفتيوار ڪاروبار جي ماليت 172 ارب رپيا رهي.مارڪيٽ سرمائيداري هڪ هفتي دوران 311 ارب رپيا وڌي 12 هزار 518 ارب رپيا ٿي وئي.

Stock exchange