نيويارڪ: گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي ٽه ماهي مباحثي جي صدارت ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار وچ اوڀر جي صورتحال ۽ فلسطين جي مسئلي تي تفصيلي خطاب ڪيو.
انهي مباحثي جو موضوع وچ اوڀر جي صورتحال خاص طور تي فلسطيني مسئلو هو جنهن ۾ اسحاق ڊار فلسطيني عوام تي ڪيل ظلمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
اسحاق ڊار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسرائيل طرفان اسپتالن، اسڪولن، گڏيل قومن جي ٺڪاڻن ۽ پناهگير ڪيمپن کي نشانو بنائڻ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبو آهي جنهن جو مقصد فلسطين کي گڏيل طور تي سزا ڏيڻ آهي.
هن چيو ته اهڙا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي ڪيترين ئي قراردادن جي به خلاف آهن. نائب وزيراعظم فلسطيني مسئلي کي گڏيل قومن جي ساک ۽ اثر جو امتحان قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن انهي مسئلي جو حل نه ڪڍيو ويو ته گڏيل قومن جي ساک کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچي سگهي ٿو.
اسحاق ڊار عالمي برادري تي زور ڏنو ته اهي فوري طور تي جنگبندي ۽ انساني امدادي جي بنا ڪنهن رنڊڪ جي پهچ کي يقيني بنائين ته جيئن فلسطيني عوام جون تڪليفون گهٽ ٿي سگهن. هن وچ اوڀر ۾ پائيدار ۽ جامع امن جي لاءِ شام، لبنان ۽ ايران جي مسئلن جي حل جي ضرورت تي به زور ڏنو.
اسحاق ڊار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هاڻ وقت اچي چڪو آهي ته فلسطيني عوام کي انصاف، آزادي، وقار ۽ پنهنجي خودمختار رياست جا حق ڏنا وڃن. انهي سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت طرفان ايڪس تي به پيغام جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سربراهي ۾ انهي مباحثي کي وزير سطح تائين اپ گريڊ ڪيو ويو آهي.
انهي خطاب جي دوران اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل تي زور ڏنو ته هو فلسطيني عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻي ۽ انهي مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جي گڏيل ڪوششن کي به وڌايو وڃي.