عافيه صديقي ڪيس: وزيراعظم ۽ ڪابينه کي توهين عدالت نوٽيس اماڻڻ جو معاملو رڪجي ويو

اسلام آباد: عافيه صديقي ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينه کي توهين عدالت جو نوٽيس اماڻڻ جو معاملو رڪجي ويو.

رپورٽ موجب رجسٽرار آفيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيرن کي توهين عدالت  جو نوٽيس اماڻڻ جو معاملو وقتي طور تي رڪجي ويو آهي. رجسٽرار آفيس جي ذريعن موجب جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي آفيس مان 16 جولاءِ تي نوٽ آيو هو ته هو 21 جولاءِ تي ٻڌڻي ڪندو.

رجسٽرار آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي نوٽ کان اڳ هفتيوار روسٽرم جاري ٿي چڪو هو، هاڻ انهي ۾ ترميم ٿيڻي هئي  جنهن کان پوءِ ڪاز لسٽ جاري ٿيڻي هئي، رجسٽرار هاءِ ڪورٽ موجب اسان جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي 21 جولاءِ جي ٻڌڻي جي حوالي سان 16 جولاءِ کان پوءِ لاڳاپيل اٿاڙتي کي نوٽ لکيو هو. لاڳاپيل اٿارٽي جو جواب اڃان تائين ناهي آيو، جواب ايندو ته انهي تي ڪجهه ٻڌائي سگهنداسين.

رجسٽرار آفيس جي ذريعن موجب ڪيس مقرر نه هو جنهن کي ٻڌو ويو ۽ آرڊر به ڪيو ويو. هاڻ انهي سان لاڳاپيل عدالتي آرڊر تي نوٽيس ڪيئن اماڻيون؟ لاڳاپيل اٿارٽي کان انهي حوالي سان راءِ وٺنداسين.

ياد رهي ته عافيه صديقي ڪيس ۾ وزيراعظم ۽ وزيرن کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ عدالت 2 هفتن ۾ وزيراعظم ۽ وزيرن کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو