اسلام آباد : پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي غير ضروري استعمال سبب مختلف بيماريون سامهو اچڻ لڳيون.
صحت واري وفاقي وزارت قومي اسيمبلي ۾ جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ 51 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو اينٽي بائيوٽڪ دوائون پاڻمرادو خريد ڪري استعمال ڪندا آهن.
صحت واري وزارت چيو ته پاڪستان اينٽي بائيوٽڪ دوائون استعمال ڪندڙ ڪجهه وڏن ملڪن ۾ شامل آهي، جڏهن ته اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي غير ضروري استعمال سان پاڪستان ۾ ايڪس ڊي آر ٽائيفائيڊ، ايم ڊي آر ٽي بي ۽ ٻيون بيماريون سامهون آيون آهن.
اختيارين وڌيڪ چيو ته عطائي ڊاڪٽرن طرفان به اينٽي بائيوٽڪ دوائن جو استعمال اينٽي مائڪروبيل ريزسٽنس جو وڏو سبب آهي، ڪواليفائيڊ ڊاڪٽرن طرفان به اينٽي بائيوٽڪ دوائون غير ضروري طور تجويز ڪرڻ اينٽي مائڪروبيل ريزسٽنس جو سبب آهي.