اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ثانيه نشتر سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته ثانيه نشتر جي استعيفيٰ سينيٽ سيڪريٽريٽ کي ملي وئي آهي پر ثانيه نشتر جي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو سبب اڃان تائين خبر نه پئجي سگهيو آهي.
ياد رهي ته اڳوڻي وفاقي وزير ثانيه نشتر 2021 ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي سينيٽ جي ميمبر چونڊجي هئي. ڀروسي جوڳن ذريعن ٻڌايو آهي ته سينيٽر ثانيه نشتر جنيوا ۾ عالمي اداري ۾ نوڪري ملڻ کان پوءِ استعيفيٰ ڏني آهي