جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: شيخ رشيد، عمر ايوب، زرتاج گل ۽ ٻين تي فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي

راولپنڊي: جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ شيخ رشيد، عمر ايوب خان، زرتاج گل ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي آهي.

9 مئي تي ڀڃ ڊاهه جي دوران جي ايڇ ڪيو حملي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿيا. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

جوابدارن جي خلاف هنگامو ڪرڻ، اهم ٺڪاڻن تي حملا، ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جا ڪيس داخل ٿيل آهن. جي ايڇ ڪيو حملي جو ڪيس شيخ رشيد، عمر ايوب، زرتاج گل، راشد حفيظ، صداقت عباسي ۽ ٻين جوابدارن کي چالان جي ڪاپي  ڏني وئي.

عدالت جوابدارن تي فرد جرم جي ڪارروائي 8 نومبر تائين ملتوي ڪندي چيو ته جوابدارن جي خلاف ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته 27هين آئيني ترميم جو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيو، هاڻ 27هين ترميم جي خلاف مولانا فضل الرحمان  به سڏ ڏيندو ته کيس خبر پئجي ويندي.

GHQ attack case: Indictment against Sheikh RashidUmar Ayub