جسٽس يحيٰ آفريدي ملڪ جي 30 هين چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻي ورتو
ايوان صدر ۾ ٿيل تقريب دوران صدر آصف علي زرداري جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻايو
حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق ۽ سپريم ڪورٽ جا جج به شريڪ ٿيا
حلف برداري تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه به شريڪ ٿيا
تقريب ۾ اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري، خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ صوبائي گورنرز به شريڪ ٿيا