ايف سي چيڪ پوسٽ تي خارجين جو حملو، 10 اهلڪار شهيد

ڊيرا اسماعيل خان : ڊيرا اسماعيل خان ۾ فتنا الخوارج جي دهشتگردن ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 اهلڪار شهيد ٿي ويا.گهرو وزارت جي ترجمان موجب دهشتگردن رات جي اونداهي ۾ ڊي آءِ خان جي علائقي درزنڊا ۾ زم ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو.گهرو وزارت موجب شهيد ايف سي جي 6 جوانن جو تعلق ڏکڻ وزيرستان ۽ 4 جوانن جو تعلق ڪرڪ ضلعي سان آهي.گهرو وزارت ايف سي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون اسان جي غير متزلزل عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊيرا اسماعيل خان ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي محسن نقوي زم چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ايف سي جي 10 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

Attack on FC checkpost