آرمينيا ۾ ڪورونا وائرس: پابندين جي ڀڃڪڙي تي آرمي چيف معطل

آرمينيا: آرمينيا جي وزيراعظم نيڪول پشي ليان ڪورونا وبا جي حوالي سان لاڳو ڪيل پابندين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ملڪ جي آرمي چيف پوليس چيف ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سربراهن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب سماجي رابطي جي ويب سائٽ فيس بڪ تي پنهنجي هڪ خط ۾  آرمينيا جي وزيراعظم نيڪول پشي نيان ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳو ڪيل پابندين جي ڀڃڪڙي تي آرمي چيف آرٽيڪ ڊيوٽيان پوليس چيف آرمنس ارڪ سيٽن ۽ نيشنل سيڪيورٽي جي سربراهه ايڊورڊ مايٽرو سينن جي معطلي جو اعلان ڪيو آهي.

وزيراعظم نيڪول پشي نيان پنهنجي بيان ۾ آرمي چيف جي معطلي جو واضح سبب ناهي ٻڌايو پر معطلي  کان پوءِ هڪ اهم اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم سڄي ملڪ جي اهم ۽ ذميوار شخصيتن طرفان ڪورونا وائرس ايمرجنسي تحت لڳايل پابندين جي ڀڃڪڙي تي سخت تنقيد ڪئي هئي.

ان کان  اڳ آرمينيا جي هڪ آن لائن اخبار ۾ هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي هئي جنهن ۾ آرمي چيف جي بنگلي ۾ جاري هڪ تقريب جو احوال ٻڌايو ويو هو، ان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ گهر جي ٻاهران مهمانن جي ڪارن جي قطار لڳل هئي جڏهن ته شرڪت ڪندڙن احتياطي تدبيرون به اختيار نه ڪيون هيون.