بنگلاديش ۾ شاگرد ٻيهر روڊن تي نڪري آيا، صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو

ڍاڪا: بنگلاديش ۾ شاگرد هڪ دفعو ٻيهر روڊن تي نڪري آيا آهن، هن ڀيري صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

بنگلاديش جي ميڊيا موجب  شاگرد صدر محمد شهاب الدين جي خلاف روڊن تي نڪري آيا آهن، گذريل ڏينهن سوين شاگردن صدارتي محل جي ٻاهران احتجاج ڪندي صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو.

صدر شهاب الدين گذريل ڏينهن هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته انهي وٽ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ بابت ڪوبه دستاويزي ثبوت نه آهي جڏهن ته 5 آگسٽ تي پنهنجي تقرير ۾ صدر دعويٰ ڪئي هئي ته شيخ حسينه استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

بنگلاديش جي ميڊيا موجب صدر جي بيان کان پوءِ شيخ حسينه جي خلاف احتجاج ڪندڙ شاگرد ٻيهر روڊن تي اچي ويا آهن ۽ اهي صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

ان حوالي سان بنگلاديش جي نگران حڪومت جي قانوني صلاحڪار ڊاڪٽر آصف نذرل چيو ته صدر هڪ تڪراري بيان ڏنو ته انهي وٽ شيخ حسينه جي استعيفيٰ جا دستاويز نه آهن.

Students in Bangladesh again took to the streets