7 ڇڪن ۽ 27 چوڪن جي مدد سان ڪيوي بيٽر جي ڊبل سينچري رڪارڊ

ويلنگٽن: نيوزيلينڊ جي بيٽسمين چاڊ بوس تيز ترين ڊبل سينچري جو عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. تيز ترين لسٽ اي ڊبل سينچري جو رڪارڊ چاڊ بوس وٽ آهي، هن نيوزيلينڊ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ون ڊي ٽرافي ۾ ڪينٽربري طرفان کيڏندي 103 بالن تي ڊبل سينچري مڪمل ڪئي.هيگلي اوول ۾ ملڪي بري ۽ اوٽاگو وولٽس جي وچ ۾ فورڊ ٽرافي جي ميچ ۾ چاڊ بوس ٽريوس هيڊ ۽ نارائن جگديسن جي 114 بالن تي ڊبل سينچري جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.پهرين کيڏندي ڪنٽريبري مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 343 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ چاڊ بوس 7 ڇڪن ۽ 27 چوڪن جي مدد سان 205 رنسن جي اننگز کيڏي، اوٽاگو جي ٽيم 103 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.ياد رهي ته چاڊ بوس 6 ون ڊي ۽ 11 ٽي 20 ميچن ۾ نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي ۽ لسٽ اي ۾ 99 ميچون کيڏي چڪو آهي.