اهو بادشاهه، جنهن ڌيءَ کي شادي تي سون جو وڳو پارائڻ سان گڏ تحفي ۾ سون جو باٿ روم به ڏنو

ڌيئرن جي شادي تي والدين جي خواهش هوندي آهي ته کين قيمتي تحفا ۽ سامان ڏنو وڃي پر دنيا ۾ ڪجهه اهڙا واقعا به سامهون آيا آهن، جيڪي ماڻهن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن.
اهڙو ئي هڪ واقعو ڪيترائي سال اڳ سعودي عرب جي اڳوڻي بادشاهه عبدالله جي ڌيءَ جي شادي جي موقعي تي پيش آيو هو، جنهن بابت ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي ڪنگ عبدالله پنهنجي ڌيءَ کي شادي تي سون جو باٿ روم تحفي ۾ ڏنو هو.
ڪيترين ئي ميڊيا رپورٽن ۾ ان شادي جو سال 2014 ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي بادشاهه جي ڌيءَ جي عاليشان باٿ روم کي مڪمل طور تي سون سان تيار ڪيو ويو هو، جنهن ۾ گولڊ ڪموڊ، گولڊن واش بيسن، ايتري تائين جو باٿ روم جي ڀتين تي گولڊن ٽائلز به موجود هئا، جڏهن ته ان باٿ روم کي گولڊن ٽوائلٽ جو نالو ڏنو ويو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب ان شادي ۾ ڪنوار جو لباس به سون سان تيار ڪيو ويو هو، جنهن جي قيمت ڪروڙين ڊالر هئي، ڪنوار جي تصوير به ڀارتي ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته 2011 ۾ فوربز جي هڪ رپورٽ ۾ ڪنگ عبدالله ۽ سندس خاندان جي دولت جو ڪاٿو 21 ملين آمريڪي ڊالر لڳايو ويو هو.

The king