مٺاڻ کائڻ سان نه رڳو شگر به هڪ ٻيو خطرناڪ مرض به ٿئي ٿو

جيڪڏهن توهان مٺو کائڻ جا شوقين آهيو ته اها عادت شگر ۾ مبتلا ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻئي مرض کي به دعوت ڏئي سگهي ٿي.
اها تنبيهه برطانيا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ ڪئي وئي آهي.
سري يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گهڻو مٺو کائڻ جي عادت نه رڳو شگر ٽائپ 2 ۽ ٿولهه جو خطرو وڌائي ٿي پر ان سان دماغي مرض جهڙوڪ ڊپريشن سان متاثر ٿيڻ جو خطرو به وڌي ويندو آهي.
ان تحقيق لاءِ لڳ ڀڳ 3 هزار ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو ۽ ڏٺو ويو ته اسان جي غذائي عادتن سان دماغي صحت تي ڪهڙا اثر پون ٿا.
نتيجن سان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو مٺاڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، انهن جي جسم ۾ ورم ۽ گلوڪوز جي سطح وڌي ويندي آهي، ان جي نتيجي ۾ ميٽابولڪ مرضن جهڙوڪ شگر، هاءِ بلڊ پريشر ۽ دماغي مرضن سان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
تحقيق موجب کنڊ جو وڌيڪ استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ ڊپريشن سان متاثر ٿيڻ جو خطرو ٻين جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي.
انهن ماڻهن کي ورم، هاءِ بلڊ گلوڪوز ۽ رت ۾ سڻڀ جهڙا مسئلا پيش ايندا آهن، جنهن سان دل جي مرضن جو خطرو وڌندو آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي ماڻهو ميون ۽ سبزين کي ترجيح ڏيندا آهن، انهن ۾ دل جي مرضن، اڌ رنگ ۽ دماغي مرضن جو خطرو گهٽ هوندو آهي.