اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن بنگلاديشي قوم کان معافي گهري ورتي

ڍاڪا: بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن شاگردن جي احتجاج دوران خاموشي اختيار ڪرڻ تي قوم کان معافي گهري ورتي.

شڪيب الحسن عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تي پارليامينٽ ميمبر چونڊيو ويو هو، هن جولاءِ ۾ شروع ٿيندڙ حڪومت مخالف احتجاج دوران خاموشي اختيار ڪئي هئي.

بنگلاديشي آل رائونڊر احتجاج دوران ڪئناڊا ۾ ڪرڪيٽ ليگ کيڏي رهيو هو جنهن کانپوءِ هو آمريڪا هليو ويو، ان کانپوءِ اڳوڻي ڪپتان پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سيريز لاءِ ٽيم کي جوائن ڪيو جڏهن ته شڪيب قتل جي هڪ ڪيس ۾ پڻ نامزد آهي ۽ اڃا تائين ملڪ واپس ناهي موٽيو.

پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ اڳوڻي ڪپتان شاگردن جي احتجاج دوران خاموشي اختيار ڪرڻ تي معافي گهرندي پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ ۾ هوم گرائونڊ جي سپورٽ جي اپيل ڪئي آهي.

شڪيب الحسن چيو ته شاگردن جي احتجاج دوران جيڪي شهيد ۽ زمي ٿيا اُهي سندس لاءِ قابلِ احترام آهن، سندس خاموشي تي جنهن کي ڏک پهتو انهن سڀني جي جذبن کي عزت ڏئي ٿو.

هن چيو ته جيڪڏهن مان به اوهان جي جاءِ تي هجان ها ته مايوس ٿيا ها، پنهنجي آخري ميچ کيڏي رهيو آهيان جتي اوهان سڀني سان ملي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ چاهيان ٿو، الوداعي ميچ جي موقعي تي پنهنجي چاهيندڙن سان هٿ ملائڻ چاهيان ٿو.

گذريل مهيني شڪيب الحسن ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، ان کانسواءِ شڪيب الحسن ڏکڻ آفريڪا خلاف هوم گرائونڊ تي آخري ٽيسٽ کيڏڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو.

fromer captian shakib ul hassan apologise to bangladesh people