انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اپاءَ ورتا آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اپاءَ ورتا آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان انٽيليجنس شيئرنگ ۽ گڏيل آپريشن پڻ ڪيو پيو وڃي. انتهاپسندي کي شڪست ڏيڻ ۽ امن کي ھٿي ڏيڻ لاءِ سماجي رابطن جا پروگرام شروع ڪيا ويا آهن. هن اها ڳالهه نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 2025 جي وفد سان ملاقات دوران خطاب ڪندي ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ فوج جا آفيسر ۽ سول سرونٽ ۽ 24 دوست ملڪن جا 240 فوجي آفيسر جي اڳواڻي چيف انسٽرڪٽر ميجر جنرل محمد اختر ڪري رھيو ھو. پروگرام ۾ صوبائي وزيرن، شرجيل انعام ميمڻ، سيد سردار احمد شاهه، سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻين صوبائي سيڪريٽرين پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته حڪومت پوليس فورس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اپاءَ ورتا آهن. انهن اپائن ۾ تربيتي پروگرام ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري شامل آهن. هن چيو ته حڪومت سي ٽي ڊي ۽ اسپيشل برانچ کي اپ گريڊ ڪرڻ کان سواءِ ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ به شروع ڪيو آهي. ھن وڌيڪ چيو تھ ايس فور پروجيڪٽ ذريعي سموري سنڌ جي 40 ٽول پلازن تي خودڪار منهن ۽ نمبر پليٽ جي سڃاڻپ وارو نظام نصب ڪيو ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پوليس انويسٽيگيشن جو خرچ وڌايو ويو آهي. پوليس اسٽيشنن لاءِ 4 ارب 80 ڪروڙ روپين جي سڌي بجيٽ مختص ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ پوليس لاءِ چار ارب 90 ڪروڙ ۽ ڏھن لک رپين جي هيلٿ انشورنس جو به بندوبست ڪيو ويو آهي. شهيد پيڪيج کي 10 ملين رپين مان وڌائي 23 ملين رپيا ڪيو ويو آهي. شهيد اهلڪار جي رٽائرمينٽ جي عمر تائين گهرڀاتين کي پگهار جاري رھندي ۽ خاندان جي ٻن ڀاتين کي نوڪريون پڻ ڏنيون وينديون. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪچي واري علائقي ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهي آهي. انفراسٽرڪچر ۽ سماجي خدمتن کي بهتر بڻايو پيو وڃي. پوليس کي ڊرون، اي پي سي ۽ 7-12 بور بندوقون پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ روڊ ۽ پل پڻ ٺاهيا پيا وڃن. صوبي جي مالي صورتحال بابت ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 25-2024ع جي بجيٽ 3 کرب، 5 ارب 60 ڪروڙ رپيا آهي، جنهن ۾ نقد وصوليون 1912 ارب رپيا آهن. ترقياتي منصوبن تي 959 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته 184 ارب 80 ڪروڙ رپيا سيڙپڪاري تي خرچ ڪيا ويندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي جي آمدني 2 کرب، 56 ارب ۽ 20 ڪروڙ رپيا ٿيندي. وفاقي منتقلي مان 1900 ارب 80 ڪروڙ رپيا حاصل ٿيندا، جڏھن تھ صوبائي وسيلن مان 661 ارب ۽ 90 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويندا. تنھن ھوندي سنڌ حڪومت کي هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ايف بي آر کان 139 ارب رپيا گهٽ مليا آهن، جڏهن ته 35 ارب ۽ 90 ڪروڙ رپيا صوبائي وسيلن مان پڻ گھٽتائي ٿي آھي. حڪومتي خرچ 300 ارب ۽ 90 ڪروڙ رپيا ٿي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت 28 ارب ۽ 90 ڪروڙ رپين جي خساري کي منهن ڏئي رهي آهي. وڏي وزير مالياتي نظم و ضبط تي زور ڏيندي چيو ته پگھار ۽ پينشن سان گڏ ضروري ماهوار خرچ 143 ارب رپيا آهن. حڪومت پرڏيهي امداد جي منصوبن ۾ انفراسٽرڪچر، سماجي تحفظ ۽ سماجي خدمتن کي اوليت ڏئي رهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته 2022ع جي تباھي مچائيندڙ ٻوڏ سبب صوبي جو 70 سيڪڙو حصو متاثر ٿيو ۽ ھڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ تمام گهڻو مالي نقصان ٿيو. انھيءَ دوران سنڌ حڪومت جي هنگامي اپائن ورتا ۽ نقصان جو اندازو 20 ارب ڊالر لڳايو ويو. جنيوا ۾ پاڪستان ڪلائيميٽ ڪانفرنس ۾ 11 ارب ۽ 60 ڪروڙ ڊالرن جو بحاليءَ وارو منصوبو پيش ڪيو ويو. وڏي وزير موجب هلندڙ مالي سال جي 959 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ ۾ انفراسٽرڪچر، تعليم، صحت ۽ زراعت جي بهتري تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروگرام تي ڪم جاري آهي. سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ کي ايشيا جو ڇھون بهترين يونٽ قرار ڏنو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير جو ڪم جاري آهي. سولر انرجي پروجيڪٽ مان 3 لک 60 هزار ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت بحالي ۽ ڊگهي مدي واري ترقياتي منصوبن لاءِ پرعزم آهي. وڏي وزير مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت 23-2022ع ۾ مڪاني ادارن جي بجيٽ 82 ارب رپين جي مقابلي ۾ 267 ارب رپيا ڪئي آهي ۽ هڪ خاص پروگرام تحت انهن جي صلاحيت وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن مڪاني چونڊون ڪرايون ۽ اختيار چونڊيل ادارن کي منتقل ڪيا. ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته سسٽم ۾ پاڻي نه هجڻ سبب سنڌ ۾ پاڻي جو بحران ٿيندو آھي ۽ جنھن ڪري زراعت تباهه ٿيندي آھي ۽ انڊس ڊيلٽا کي پڻ نقصان ٿي رھيو آھي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ ۾ ھندن بابت ھڪ سوال جي جواب تي اختلاف ڪندي چيو تھ سنڌ ۾ ھندو پرامن طور تي رھندا آھن. هندو مسلم ڀائيچاري جو ذڪر ڪندي ھن چيو ته سنڌ مان قومي اسيمبليءَ جو هڪ ميمبر ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ٻه ميمبر عام چونڊن ۾ هندو چونڊيا ويا.