پاڪستاني معيشت بهتري طرف گامزن آهي، اصلاحات جو عمل سختي سان جاري رهڻ گهرجي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد: نئين قرض جي منظوري کان پوءِ عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) پاڪستاني معيشت جي بهتري، مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي پر وڌيڪ مطالبا به پيش ڪيا ويا آهن.

آءِ ايم ايف پاڪستان سان ٿيندڙ معاهدن جا تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته معاهدي کان پوءِ پاڪستان ۾ معاشي ترقي جي شرح وڌي 3.2 سيڪڙو جڏهن ته بيروزگاري جي شرح 8 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 7.5 سيڪڙو ۽ ناڻي جي مٽاسٽا گهٽ ٿي 9.5 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي.

آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان ۾ محصولات وڌي معيشت جو 15.4 سيڪڙو پهچڻ جو امڪان آهي. گذريل مالي سال جي محوصلات جو معيشت ۾ حصو 12.6 سيڪڙو هو. پاڪستان ۾ قرض 67 سيڪڙو کان وڌي معيشت جو 69 سيڪڙو ٿي سگهن ٿا.

عالمي اداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٽيڪس جو منصفاڻو نظام لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪس ۾ سمورن ضلعن کي حصيدار بنائڻ ضروري آهي. پاڪستان کي مني لانڊرنگ کان روڪٿام جي لاءِ سختي سان عمل ڪرڻ ۽ سرڪاري ادارن جي نقصانن کي روڪي گورننس بهر بنائڻي پوندي.

آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اصلاحات جو عمل سختي سان جاري رهڻ گهرجي، توانائي جي  اصلاحات تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. پاڪستان جي حڪومت بجلي جي لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ اصلاحات يقيني بنائي ۽ توانائي جي قيمتن بابت ايڊجسٽمينٽ وقت تي ڪري.

رپورٽ موجب پاڪستان کي ماحولياتي ڪرپشن ۽ اصلاحات جهڙن چيلنجز کي منهن ڏيڻو آهي. پاڪستان ۾ سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻي پوندي. رپورٽ ۾ آءِ ايم ايف سميت حڪومت جي مٿان واجب الادا قرضن جي شرح وڌڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

Pakistan's economy is on the mend