ليڊي گاگا ٻيهر ماءُ ٿيڻ جي خواهشمند

نيويارڪ : مشهور آمريڪي ڳائڻي ۽ اداڪارا ليڊي گاگا هڪ ڀيرو ٻيهر ماءُ بڻجڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 38 ورهين جي ليڊي گاگا پنهنجي منگيتر مائيڪل پولانسڪي سان گڏ نئين زندگي شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.هڪ تازي انٽرويو دوران ليڊي گاگا چيو ته ”توهان کي خبر آهي ته مان پيار ۾ پئجي بيحد خوش آهيان ۽ خاندان شروع ڪرڻ لاءِ ڏاڍي پرجوش آهيان.ميڊيا رپورٽن موجب ليڊي گاگا ۽ مائيڪل پولانسڪي 2020 ۾ ڊيٽنگ جي شروعات ڪئي هئي ۽ پهريون ڀيرو لاس ويگاس ۾ گڏ ڏٺو ويو هو.بعد ۾ ٻنهي شخصيتن سوشل ميڊيا تي لاڳاپن جو اعلان ڪيو ۽ هلندڙ سال جولاءِ ۾ ليڊي گاگا مائيڪل پولانسڪي سان مڱڻي جي تصديق ڪئي.پرڏيهي ميڊيا موجب ليڊي گاگا ان کان اڳ به ماءُ بڻجڻ جي خواهش جو اظهار ڪري چڪي آهي.ماضيءَ ۾ هن چيو ته ”مان ماءُ ٿيڻ چاهيان ٿي، اسان جي اندر ۾ هڪ انسان پيدا ٿئي ٿو، پوءِ اهو دنيا ۾ اچي ٿو ۽ پوءِ ان جو خيال رکڻ اسان جو ڪم آهي.