سپريم ڪورٽ ورهائجي وئي،مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيندو؟

اسلام آباد: مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لاءِ به 8 ججن سخت لفظن ۾  جواب ڏنو آهي،ان فيصلي جا پاڪستان جي سياست تي گهرا اثر پوندا،دلچسپ ڳالهه اها آهي ته قومي ميڊيا تي ان اهم خبر مٿان آءِ ايس آءِ جي نئين سربراهه جي مقرري جي خبر حاوي ٿي وئي، گريڊ 20 جي آفيسر جي مقرري ميڊيا لاءِ وڏي خبر بڻجي وئي،ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته” طاقت جو گهر“ڪٿي آهي؟ سپريم ڪورٽ جي 8 ججن بابت اهو تاثر آهي ته انهن جو جهڪاءُ هڪ مخصوص سياسي جماعت ڏانهن آهي، جڏهن ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس هم خيال ججن بابت تاثر آهي ته اهي حڪومت ۽ ٻين رياستي ادارن جي حمايت ڪن ٿا، سپريم ڪورٽ ۾ ڏار پيل آهن،ممڪن نٿو لڳي ته مخصوص سيٽن بابت عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو ويندو، حڪومت ان فيصلي تي عمل نه ڪندي،  8 ججن پي ٽي آءِ سربراهه طور 81 ماڻهن کي ٽڪيٽون به جاري ڪري ڇڏيون ۽ انهن کي پي ٽي آءِ اميدوار ۽ اسيمبلي ميمبر طور پاڻ ئي چونڊي ڇڏيو آهي، حالانڪه ان فيصلي ۾ انهن کان اهو سوال پڇيو پيو وڃي ته ان سموري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ته ڌر ئي نه هئي، جڏهن ته ان ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ وڏي عجيب ۽ غريب جواز ڏنو آهي ته ان ڪيس ۾ انهن کي آرٽيڪل 17 جو ڪلاس ٽو ڏسڻو آهي ۽ ان سان گڏ آرٽيڪل 19 به ڏسڻو آهي،ان ڪيس ۾ اهو نه ڏٺو ويو ته پي ٽي آءِ پارٽي چونڊون ئي نه ڪرايون آهن،جڏهن ته اهو عدالتي فيصلو گهڻي وقت تائين ٽڪي نٿو سگهي،اهو فيصلو به نظريه ضرورت جي زمري ۾ اچي ٿو.