ڪرينا ڪپور کان متاثر ٿي اداڪاري سکي: عائزه خان

لاهور : پاڪستان ڊرامي انڊسٽري جي مشهور اداڪارا عائزه خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن اداڪاري جي دنيا ۾ ڪرينا ڪپور کان متاثر ٿي قدم کنيا.تازو ئي اداڪاره عائزه خان سوشل ميڊيا تي انڪشاف ڪيو ته هن بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور کان متاثر ٿي اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکيو آهي.اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ڪرينا ڪپور جي مشهور فلم ”ڪبھی خوشي ڪڏهن غم“ جي ڊائلاگ ”کون هي جس پو ڪو نه ڏٺو“ تي ٺاهيو آهي. اداڪارا پنهنجي مداحن کي چيو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪرينا ڪپور ئي سبب آهي جو مون اداڪاري ڪرڻ سکي؟ ۽ ڇا توهان کي خبر آهي ته مون بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا جي فلم جب وي ميٽ ڪيترا ڀيرا ڏٺي آهي؟ عائزا خان جي وڊيو تي سندس مداحن طرفان تبصرا ڪيا پيا وڃن.