پريڪٽس ۽ پروسيجر آرڊيننس خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس يوسف علي سعيد چيو ته درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو.ٻڌڻي دوران جسٽس يوسف علي سعيد پڇاڻو ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي معاملن ۾ ڪيئن مداخلت ڪري سگهي ٿي.واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف به پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ ان تي عملدرآمد عدالتي فيصلي تائين روڪيو وڃي.