پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 86 ڪيس ظاهر

لاهور : پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا وڌيڪ 86 ڪيس سامهون آيا آهن.پنجاب جي پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر کاتي موجب راولپنڊي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 74 ڪيس سامهون آيا آهن.صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گوجرانوالا، شيخوپوره، اٽڪ ۽ ميانوالي ۾ ڊينگي جا 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ان کان علاوه لاهور، قصور، چکوال، ساهيوال مان ڊينگي جو 1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال هن وقت تائين ڊينگي جا 1044 ڪيس سامهون آيا آهن.