محبت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، بيان نٿو ڪري سگهجي: اداڪار شبير جان

لاهور : پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار شبير جان محبت جي جذبي بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.شبير جان تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان طور نظر آيو جتي کانئس پڇيو ويو ته ڇا کيس زندگي ۾ ڪڏهن ڪنهن سان پيار ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته ڇا هو پنهنجي محبت ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي؟ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته محبت هڪ اهڙو احساس آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر بيان نٿو ڪري سگهجي.اداڪاره چيو ته محبت ۾ سڀ کان اهم شيءِ هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ آهي، اها ئي محبت جي بنياد آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ٻه ماڻهو هڪ ٻئي کي سمجهن ۽ هڪ ٻئي جو احترام ڪن ته محبت قائم رهي ٿي.

Love can be felt