سنڌ ۾ اڃا تائين منڪي پاڪس جو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو:صحت واري وزير

ڪراچي: سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته سنڌ ۾ اڃا تائين منڪي پاڪس جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته هن سال چڪن گونيا جا 140 ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته مليريا ۽ ڊينگي جي صورتحال بهتر آهي.هن چيو ته نيشنل هيلٿ سروس جو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي فراهمي ۽ ٽيسٽ جي سهولت کي بهتر بڻائڻ لاءِ رٿابندي ڪئي پئي وڃي، سمورن اسپتالن جي حادثن واري شعبي جي صلاحيت کي وڌايو پيو وڃي.ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته شهر جي سينٽرل اسپتالن جي ايمرجنسي کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. هڪ هڪ ڪري سڀني اسپتالن جي ايمرجنسي رومز کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام کي چالو ڪيو وڃي.صوبائي وزير چيو ته برساتن سبب صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ اسپتالون ۽ ڪلينڪ متاثر ٿيا، سول اسپتال ۾ تمام گهڻي رش آهي. ان کي بهتر ڪيو پيو وڃي، نوان ڊاڪٽر ڀرتي ٿيڻ وارا آهن، سول اسپتال ۾ سرجيڪل ۽ ميڊيڪل ٽاور ٺاهيا پيا وڃن.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته هو هر اسپتال ۾ ملازمن جي بائيو ميٽرڪ کي لازمي بڻائڻ وارا آهن. جعلي ڊوميسائل تي داخلائون ورتيون ويون، جعلي ڊوميسائل واري معاملي ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، جعلي ڊوميسائل تي داخلا وٺندڙ شاگردن کي ڪڍيو ويو.