اميد ته ڪميشن رنڊڪ نه وجهندي، انٽرا پارٽي چونڊون قبول ڪندي:بئريسٽر گوهر علي

اسلام آباد:تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي چيو آهي ته اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪا به رڪاوٽ نه وجهندي ۽ اسان جي انٽرا پارٽي چونڊن کي تسليم ڪندي.اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ بهترين انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون، انٽرا پارٽي چونڊن تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي.بئريسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل خط ۾ رڳو هڪ نقطو اٿاريو ويو آهي، مون بطور پارٽي چيئرمين پارٽي عهديدارن کي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، سپريم ڪورٽ منهنجو نوٽيفڪيشن قبول ڪيو هو.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ته جنهن جي تصديق قبول ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ جو ڪو ڍانچو موجود ناهي، اهو غلط هو ڇو ته اسان جو ڍانچو موجود آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته دستاويز اليڪشن ڪميشن آڏو هئا، اسان اليڪشن ڪميشن جي سوال جو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو هو. ان تي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي 14 سيپٽمبر تي ٻڌڻي جو حڪم ڏئي ڇڏيو،مخصوص سيٽون ختم ڪريو، موجوده 40 ايم اين ايز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو،بئريسٽر گوهر علي وڌيڪ چيو ته 2 آڪٽوبر تي ٻڌڻي آهي، اميد آهي ته هن ڀيري معاملو حل ٿي ويندو، سپريم ڪورٽ اڳ ئي اهو معاملو حل ڪري چڪي آهي.

Hope the commission will not interfere