سڄي ملڪ ۾ سڀاڻي عيد ميلادالنبيﷺ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي

لاهور: سڄي ملڪ ۾ عيد ميلادالنبيﷺ  سڀاڻي اڱاري جي ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. حڪومت طرفان سڄي ملڪ ۾ سڀاڻي عام موڪل جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. انهي ڏينهن جي مناسبت سان سيرت النبي صه جي موضوع تي سيمينار، ڪانفرنس ۽ محفل نعت جو اهتمام ڪيو ويندو. سڄي ملڪ ۾ جلوس پڻ ڪڍيا ويندا.

آمد مصطفيٰ  ﷺ  جي خوشي ۾ سڄي ملڪ جي گهٽين، پاڙن، بازارن ۽ مسجدن کي سائين جهنڊين ۽ رنگي برنگي بتين سان سجايو ويو آهي جڏهن ته سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي به چراغان ڪيو ويو آهي. ڪيترين ئي بازارن ۽ شاهراهن تي محراب ۽ آرائشي دروازا به لڳايا ويا آهن.

عاشقان رسول خانه ڪعبه ۽ مسجد نبوي صه جا خوبصورت ماڊل ٺاهي سرور ڪائنات سان عقيدت جو اظهار ڪري رهيا آهن. آمد مصطفيٰ صه جي مناسبت سان لاهور سميت سڄي ملڪ جي مختلف هنڌن تي جلوس ۽ ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ سموري رستي تي درود پاڪ جو ورد ڪندا، جشن عيد ميلادالنبي جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ نياز ورهائڻ جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو.

عالمن جو چوڻ آهي ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم سان عقيدت ۽ محبت جي گهرج آهي ته اوهان جي سيرت طيبه جو صرف ذڪر ئي نه ڪيو وڃي پر اوهان جي تعليمات تي عمل ڪري ئي انسان دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿي سگهي ٿو.