آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب درخواست عابد زبيري، شفقت محمود، شهاب سرڪي، اشتياق احمد خان، منير ڪاڪڙ ۽ ٻين طرفان داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ وفاق، چئني صوبن، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.

هنن پنهنجي موقف ۾ چيو ته پارليامينٽ عدليه جي اختيارين کي واپس يا عدالتي اختيارن ۾ ٽيمپرنگ نٿي ڪري سگهي. آئيني ترميم سان سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ  جا اختيار ايگزيڪٽو ڏانهن منتقل ٿي ويندا. آئيني ترميم آزاد عدليه کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي. آئيني ترميم ڳجهي طور تي ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي، گڏيل طور تي آئين ۾ 40 کان وڌيڪ ترميمون ڪيون وينديون.

هن چيو ته اها ترميم انهي وقت آندي پئي وڃي جڏهن پارليامينٽ اڃان تائين مڪمل نه ٿي  آهي. اڃان تائين سپريم ڪورٽ جي سني اتحاد ڪونسل بابت فيصلي تي عمل نه ٿيو آهي. اڃان تائين سني اتحاد ڪونسل جي چونڊيل نمائندن کي نمائندگي جي حق کان محروم رکيو ويو آهي. ميمبرن کي قومي اسيمبلي مان اغوا ڪيو ويو. وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گڏيل آئيني ترميمي قرارداد جو مقصد آئيني اسڪيم جي خلاف آهي.

درخواستگذارن استدعا ڪئي آهي ته آئيني ترميم کي غيرآئيني قرار ڏنو وڃي. آئيني مسودي جي اختيارن جي ورهاست ۽ عدليه جي آزادي جي خلاف قرار ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت کي آئيني ترميم کان روڪيو وڃي ۽ گڏيل آئيني ترميم جي اختيارن جي ورهاست ۽ عدليه جي آزادي جي خلاف قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي آئيني ترميم کان روڪيو وڃي ۽ آئيني بل کي به پيش ڪرڻ کان روڪيو وڃي.