پوپ فرانسس جو آمريڪي صدارتي اميدوارن جي مخالفت

واشنگٽن : ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس آمريڪا جي ٻن اهم اميدوارن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيرس ٻئي زندگي مخالف قدمن جا حامي آهن.پوپ فرانسس چيو ته ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ مهاجرن جي خلاف آهي ۽ ڪملا هيرس اسقاط حمل جي حامي آهي.هن آمريڪا ۾ ڪيٿولڪ ووٽرن تي زور ڀريو ته هو ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيرس کان گهٽ برائي صدارتي اميدوار جي چونڊ ڪن.