واٽس ايپ نئين ” شارٽ ڪٽ “ فيچر تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ جلد واهپيدارن جي سولائيءَ لاءِ هڪ نئون شارٽ ڪٽ متعارف ڪرائڻ واري آهي، جنهن ذريعي واٽس ايپ واهپيدارن جي تجربي ۾ بهتري ۽ وقت جي بچت ٿيندي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، نئون شارٽ ڪٽ فيچر واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ سندن گروپس ۽ ڪانٽيڪٽس جي بهتر انتظام ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
واٽس ايپ جي نئين اَپ ڊيٽ ڊائون ڪرڻ کانپوءِ چيٽ انفو اسڪرين ۾ مٿي ٺهيل ايپ بار ۾ بٽڻ طور شامل ٿي ويندي.
نئين شارٽ ڪٽ ذريعي واهپيدار سڌي ريت چيٽ انفو اسڪرين کان مينيو تائين پهچ حاصل ڪندي ڪنهن شخص يا گروپ کي مخصوص فهرست ۾ شامل ڪري سگهندا.
ان کانسواءِ ان اَپ ڊيٽ ذريعي واهپيدار ايپ سيٽنگز ۾ وڃڻ بنا نئين فهرست پڻ ٺاهي سگهي ٿو.
هڪ ڀيرو لسٽ ترتيب ڏيڻ ۽ مخصوص ڪانٽيڪٽس شامل ڪرڻ کانپوءِ، واهپيدار مستقبل ۾ چيٽ اسڪرين جي مٿئين حصي ۾ ئي لاڳاپيل فلٽر کي سليڪٽ ڪري چيٽس کي سولائي سان ڳولي ۽ هٽائي به سگهندا اهڙي طرح صارف جو وقت جي بچت ٿيندي.
واٽس ايپ جي نئين اَپ ڊيٽ تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي جيڪا تمام جلد واٽس ايپ تازا ترين بيٽا ورزن تي اينڊرائيڊ 2.24.19.25 اَپ ڊيٽ جو حصو هوندي.