اسٽيٽ بئنڪ جو وياج جي شرح 2 سيڪڙو گهٽائڻ جو اعلان

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح 2 سيڪڙو گهٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ گهٽائي 17 ڏهائي 5 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي ان کان اڳ پاليسي ريٽ 19 ڏهائي 5 سيڪڙو هو.

اسٽيٽ بئنڪ موجب، ٻن مهينن دوران مهانگائي ۾ واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته تيل ۽ غذائي جنسن جي عالمي قيمتن ۾ پڻ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف طرفان به پاليسي ريٽ ۾ ٻه سيڪڙو گهٽتائي واري فيصلي جي آجيان ڪئي وئي آهي.

وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ملڪي معيشت لاءِ سٺو سنئوڻ آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌارو ٿيندو