آءِ فون 16 کان به مهانگو ٽرپل فولڊ ايبل فون متعارف

ڪراچي:چين جي سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني هواوي باقي ڪمپنين کي پوئتي ڇڏي دنيا جو پهريون ٽرپل فولڊ ايبل فون ’ميٽ ايڪس ٽي‘متعارف ڪرايو آهي. ايپل پاران آئي فون 16 متعارف ڪرائڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ هاڻي ڪمپني دنيا جو پهريون ٽريپل فولڊ ايبل فون متعارف ڪرائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. نيوز ايجنسي رائٽرز موجب هوواي پاران متعارف ڪرايل دنيا جي پهرين ٽرپل فولڊ ايبل فون ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) فيچرز ۽ ٽولز به موجود آهن، هي فون ٻين ٻولين ۽ خاص ڪري انگريزي کان چيني زبان ۾ ترجمو به ڪري سگهي ٿو. فون ۾ AI وڊيو، فوٽو ۽ آڊيو شامل ڪرڻ جا فيچر پڻ آهن، جڏهن ته ان ۾ بهترين ۽ طاقتور ڪئميرا ٽيڪنالاجي پڻ آهي. فون جي پوئين پاسي ٽي ڪيمرا آهن. جن مان مکيه ڪيمرا 50 ميگا پڪسلز جو آهي، جڏهن ته ٻيا ٻه ڪيمرا ترتيب وار 12 ميگا پڪسل آهن، جڏهن ته فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل جي سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي. ٽريپل فولڊ ايبل فون 5600 mAh جي بيٽري سان گڏ 56 واٽ جو تيز چارجر ۽ 50 واٽ وائرليس چارجر، 16GB ريم، ۽ مختلف ميموري ماڊلز سميت 128، 256 ۽ 512GB ماڊلز ۾ پيش ڪيا ويا آهن. فون جي سڀ کان خاص خوبي ان جي منفرد ڊيزائن آهي، جيڪو کولڻ بعد انگريزي اکر Z وانگر نظر اچي ٿو. هن فون ۾ اڄ تائين روايتي فونن جي ڀيٽ ۾ هڪ وڌيڪ اسڪرين آهي. فون کي اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي ته جڏهن عام رواجي فون وانگر استعمال ڪيو وڃي ته اسڪرين 7 انچ کان گهٽ هجي، پر جڏهن مڪمل طور تي کوليو وڃي ته اسڪرين 10 انچ ٿي وڃي ۽ ان سان گڏ ٽيبليٽ جي طور تي به استعمال ٿي سگهي. فون جي قيمت 2800 آمريڪي ڊالر يعني لڳ ڀڳ 8 لک پاڪستاني روپين کان شروع ٿئي ٿي جڏهن ته فون جي سڀ کان وڌيڪ ميموري ماڊل جي قيمت 3300 آمريڪي ڊالر يعني 9 لک پاڪستاني روپين کان وڌيڪ آهي. هي فون 20 سيپٽمبر تي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو. آءِ فون به ساڳئي تاريخ مقرر ڪئي آهي.

Introducing the iPhone 16